خشتي حويلي

خشتي حويلي: ٺٽي جي تاريخي ماڳن مان خشتي حويلي به هڪ آهي. ڪتاب ’ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون‘ ۾ پير حسام الدين راشديءَ لکيو آهي ته: ”ٺٽي ۾ غله بازار (اناج بازار) جي ويجهو خشتي حويلي پنهنجي حسن ۽ خوبيءَ سبب گهڻو مشهور هوندي هئي. خشتي حويلي غالباً انهيءَ ڪري سڏجڻ ۾ آئي، جو اها سڄي پڪسري هئي. انهيءَ حويليءَ جي ڪنڊ ۾ سيد ابراهيم شهيد جي مزار هئي. 1190هه بمطابق 1776ع تائين انهيءَ حويليءَ جا آثار موجود هئا، ڪنهن جي هئي ۽ ڪهڙي دور ۾ ٺهي، اها اڃا تحقيق طلب ڳالهه آهي“.


لفظ خشتي حويليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو